ڪورونا وائرس: وائٽ هائوس جي سموري اسٽاف کي ماسڪ پائڻ جو حڪم

news

واشنگٽن: (اڱارو 12 مئي 2020ع) وائٽ هائوس ۾ ڪورونا جا ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ اسٽاف کي ماسڪ پائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

برطانوي خابرو اداري موجب آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس جي پريس سيڪريٽري ڪيٽي ملر ۽ صدر ٽرمپ جي فوجي خدمت گذار ۾ ڪورونا جي تصديق کان پوءِ سموري اسٽاف کي عمارت ۾ داخل ٿيندي ئي ماسڪ پائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. وائٽ هائوس آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سمورو اسٽاف سواءِ پنهنجي ڊيسڪ تي موجود هجڻ جي فوري طور تي پنهنجي چهري کي لازمي طور تي ماسڪ سان ڍڪين  ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏ سماجي وٿي به رکن.

ان حوالي سان آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته  اسان هن پاليسي کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سومر جي ڏينهن وائٽ هائوس ۾ بنا ماسڪ لڳائڻ جي بريفنگ ڏيندي صدر ٽرمپ چيو هو ته مون کي اهڙي طرح جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت ناهي.

ڇو ته مان سڀني کان پري آهيان ۽ وائٽ هائوس ۾ انفيڪشن کي گهٽ ڪيو. هن چيو ته اسان وٽ  وائٽ هائوس ۾ روزاني ماڻهن جو ميڙ هوندو آهي ۽ منهنجي خيال ۾ اسان وائرس کي روڪڻ جي لاءِ سٺو ڪم ڪري رهيا آهيون.