داعش جو اڳواڻ شيخ خراساني افغانستان مان گرفتار

news

ڪابل: (اڱارو 12 مئي 2020ع) افغان انٽيليجنس سروس جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ايشيا ۽ مشرق بعيد ۾ داعش جو اڳواڻ ضياءُالحق عرف شيخ عمر خراساني پنهنجي ٻن سينئر ساٿين سميت ڪابل مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

مبينه طور تي شيخ خراساني سان گڏ گرفتار ٿيندڙ ٻن ڄڻن مان هڪ ان جو ترجمان صهيب ۽ ٻيون داعش جو چيف آف انٽيليجنس ابو علي آهي.

ٻين ذريعن کان هينئر تائين هن خبر جي تصديق  ناهي ٿي سگهي. پر سياسي مبصرين جو چون آهي ته جيڪڏهن هي خبر صحيح ثابت ٿي ته هي افغانستان ۾ داعش جي خلاف هڪ اهم ۽ وڏي ڪاميابي هوندي.

افغان انٽيليجنس ايجنسي جو چوڻ آهي ته  تازو ئي گرفتار ٿيندڙ چار سينئر داعش ميمبرن جي فراهم ڪيل ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ شيخ خراساني جي گرفتاري عمل ۾ آئي.