افغانستان ۾ اسپتال تي حملو، عورتن ۽ ٻارن سميت پنج ڄڻا مارجي ويا

news

ڪابل: (اڱارو 12 مئي 2020ع)  افغانستان جي گادي واري شهر جي هڪ اسپتال ۾ ڌماڪي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.

افغان ميڊيا موجب گادي واري شهر ڪابل جي هڪ اسپتال ۾ هٿياربند ماڻهن حملو ڪيو. حملي آور اسپتال جي پويان واقع گيسٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ چاهيو ٿي پر ناڪامي جي صورت ۾ بارودي مواد کي ڌماڪي سان اڏائي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڇڏي.

حملي آورن جي فائرنگ سبب سيڪيورٽي اهلڪار سميت 5 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن ۾ 3 عورتون ۽ هڪ ٻار به شامل آهي. حملي آور فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. جڏهن ته ڪنهن به گروپ حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن  ڪابل ۾ 7 زوردار ڌماڪا ٻڌا ويا هئا جن مان هڪ ڌماڪو فوجي قافلي تي ڪيو ويو هو جڏهن ته لغمان ۾ ٿيندڙ هڪ جهڙپ ۾ درجنين اهلڪار مارجي ويا هئا.