وس وارن کان وسري ويل فضيلا سرڪي والدين کان نه وسري
ويب ڊيسڪ | 11 مھينا پھريان

جيڪب آباد: سنڌ ۾ جڏهن به ڪنهن سان ظلم ٿيندو آهي ته ان مظلوم جي حمايت ۾ سوين سماجي اڳواڻ ۽ الله پاڪ جا نيڪ بندا ميدان ۾ لهي ايندا آهن ۽ پوءِ ان مظلوم کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪري الله پاڪ جي آڏو سرخرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر ٺل شهر جي علائقي ڳڙهي حسن سرڪي مان 14 سال اڳ ۾ فضيلا سرڪي جنهن کي اغوا ڪيو ويو هو جنهن جي لاءِ ٺل شهر سان گڏ پوري سنڌ جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن وڏا وڏا احتجاج ريڪارڊ ڪرايا هئا پر افسوس جي ڳالھ اها آهي ته هن مهل تائين فضيلا سرڪي جو ڪو پتو پئجي نه سگھيو آهي.
جيئن ته اڄ کان چوڏهن سال اڳ ۾ تعلقي ٺل جي علائقي ڳڙهي حسن سرڪي مان فضيلا سرڪي کي ڪجھ بااثر وڏيرن اغوا ڪرايو هو، جنهن جي ڳولا لاءِ فضيلا سرڪي جي والدين وس آهر تمام گھڻون ڪوششون ورتيون پر فضيله سرڪي جا والدين امير ماڻهن جي اٽڪلن کي سمجھي نه سگھيا ۽ هر نئين ڏينهن تي فضيلا سرڪي کي واپس ڪرڻ جا واعدا ڪيا ويندا هئا پر جناب اعليٰ ساڍا تيرنهن سال گذري ويا آهن پر هن مهل تائين فضيلا سرڪي کي بازياب نه ڪرايو ويو آهي.
اتر سنڌ ۾ فضيلا سرڪي جا غريب والدين ساڍن تيرنهن سالن کان فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ در در جا ڌڪا کائي رهيا آهن پر هن مهل تائين فضيله سرڪي جو پتو پئجي نه سگھيو آهي، فضيله سرڪي جا والدين ساڍن تيرنهن سالن کان ٺل پريس ڪلب کان وٺي ويندي سنڌ جي مختلف پريس ڪلبن آڏو احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندا رهيا آهن پر هنن جي حال تي ڪنهن کي به رحم نه آيو آهي، جناب اعليٰ؛ تيرنهن سالن کان جهڙي طريقي سان والدين کان سندن ٻچو جدا ڪيو ويو آهي ان عمل جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي،
هڪ جانور کان جيڪڏهن ان جو بچڙو گھڙي کن لاءِ الڳ ڪيو ويندو آهي ته اهو به بي چين ٿي ڪري وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي پر سائين ساڍن تيرنهن سالن کان فضيلا سرڪي کي قيد ڪري ڪوٽن ۾ رکيو ويو آهي پر افسوس جو سرڪار ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي آهي.
پريس ڪلب ٺل آڏو اڄ به فضيلا سرڪي جا والدين قرآن پاڪ مٿي تي رکي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن پر سرڪار پاران هن مهل تائين ڪنهن به قسم جو تحرڪ نه ورتو ويو آهي، جناب اعليٰ؛ ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪيترائي ايس ايس پيز آيا ۽ انهن فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وڏا وڏا واعدا ڪيا پر جڏهن انهن کي اصل ڏوهارين جي خبر پيئي ته هو پنهنجي واعدي تان ڦري ويا، جناب اعليٰ، فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ واعدا ته ٻيا به کوڙ سارا آفيسر ۽ سرڪاري عملدار ڪري ويا آهن پر هو اصل ڏوهارين کان ڊڄي خاموشي اختيار ڪري ويهي رهن ٿا.
فضيلا سرڪي جو والد عبدالرزاق سرڪي پنهنجي نياڻي جي جدائي ۾ حال هيڻا ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته فضيلا سرڪي جي والده سڪينه سرڪي روئي روئي اکين جا نار سڪائي ڇڏيا آهن پر افسوس جو هن مهل تائين فضيلا سرڪي بازياب ٿي نه سگھي آهي.
ٽي سال پهريان ٺل پريس ڪلب کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار آڏو به احتجاج ريڪارڊ ڪرايا ويا آهن هو پر افسوس جو ڪوبه سرڪاري عملدار سندن کان حال پڇڻ لاءِ به نه آيو، جناب اعليٰ؛ جيڪڏهن ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو پٽ اغوا ٿئي ٿو ته ان کي اوليت جي بنياد تي بازياب ڪرايو وڃي ٿو، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ کي اغوا ڪيو ويو هو ته ان کي افغانستان مان بازياب ڪرايو ويو هو پر افسوس جو هڪ غريب ۽ بي پهچ ماڻهو جي نياڻي کي اغوا ڪيو ويو آهي ته ان کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪنهن به تحرڪ نه ورتو آهي آخر اهو ٻٽو نظام ڪيسيتائين جاري رهندو؟
سنڌ جو چيف منسٽر جناب مراد علي شاه صاحب به ڳڙهي حسن سرڪي ٺل جو دورو ڪيو هو جتي فضيلا سرڪي جي والدين چيف منسٽر جي گاڏي جو رستو روڪي کيس پنهنجي فرياد ٻڌائي هئي ۽ چيف منسٽر صاحب اهو واعدو ڪيو هو ته تمام جلد فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائيندو پر افسوس جي ڳاله اها آهي ته چيف منسٽر صاحب کي ڪراچي ويندي ئي اها ڳالهه وسري ويئي ۽ هن مهل تائين فضيلا سرڪي جا والدين در در جا ڌڪا کائي رهيا آهن.
فضيله سرڪي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ هوءَ هر وڏيري توڙي هر پوليس عملدار جي پيرن تي هٿ رکي سندس جي نياڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ منتون ڪندا رهندا آهن پر افسوس جي ڳالھ اها آهي جو هن مهل تائين فضيلا سرڪي جو پتو پئجي نه سگھيو آهي سو ان لاءِ اسين وس وارن کي گذارش ڪنداسين هو فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائڻ ۾ اسان جي مدد ڪري ته جيئن 14 سال اڳ اغواءَ ٿيل نياڻي پنهنجي والدين سان ملي سگھي.
(چيف سردار: غلام سرور سرڪي)

3406