عالمي منڊي ۾ تيل جو اگهه وري ڪري پيو

news

لنڊن: عالمي منڊي ۾ خام تيل جو اگهه هڪ دفعو ٻيهر ڪري پيو ۽ ٽريڊنگ دوران برينٽ ڪروڊ جو اگهه 58 سينٽ جي گهٽتائي بعد 25.39 ڊالر في بيرل ٿي ويو.

عالمي منڊي ۾ ٽريڊنگ دوران يو ايس ڪروڊ 39 سينٽ گهٽتائي بعد 25.39 ڊالر في بيرل جي سطح تي اچي ويو.

پرڏيهي نيوزايجنسي موجب وائرس جي ٻي لهر جي خدشن سبب مختلف ملڪن طرفان لاڪ ڊائون ۾ نرمي جا قدم کنيا ويا آهن ۽ اهڙن خدشن جي ڪري تيل جي اگهه ۾ گهٽتائي سعودي عرب طرفان پيداوار گهٽ ڪرڻ وارن اعلانن جي مثبت اثرن کي به زائل ڪري ڇڏيو آهي.

ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ واري ٻي لهر اچڻ وارن خدشن جي ڪري چين ۽ ڏکڻ ڪوريا کان ايندڙ خبرون آهن جن موجب متاثر علائقن ۾ ٻيهر ڪورونا وائرس ڦهلجڻ شروع ٿي ويو آهي.