لاهور: (اربع 13 مئي 2020ع) چيف ايگزيڪٽو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) وسيم خان چيو آهي ته رانديگرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان اڄ ڪيو ويندو.
هن چيو ته اسان رانديگرن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي لاءِ ڪانٽرينٽ جو اعلان جلد ڪري رهيا آهيون. چيف سليڪٽر مصباح الحق 19 مان 20 رانديگرن تي ٻڌل لسٽ تيار ڪري ورتي آهي جنهن جي چيئرمين پي سي بي منظوري ڏيندو.
وسيم خان چيو ته ٽنهي فارميٽن ۾ کيڏندڙ رانديگرن کي ڪانٽريڪٽ ۾ ترجيح ڏني ويندي ۽ ايندڙ ڪانٽريڪٽ به ٽنهي مختلف ڪيٽيگرين تي بڌل هوندو. سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ رانديگرن جي معاوضي ۾ اضافي جو به امڪان آهي ۽ بورڊ طرفان هن ڀيري رانديگر جي معاوضي ۾ اضافي تي غور ڪيو پيو وڃي.
انگلينڊ جي دوري جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي چيف ايگزيڪٽو چيو ته دوري جي لاءِ رانديگرن ۽ آفيشلز جي صحت ۽ حفاظت اولين ترجيح آهي صحت ۽ حفاظت تي سمجهوتو نه ڪندي ئي سيريز تي ڳالهيون ٿينديون. وسيم خان چيو ته انگلينڊ ۾ حالتون هن وقت به خراب آهن. 15 مئي تي اي سي بي سان تفصيلي ڳالهيون ٿينديون پر ٽيلي ڪانفرنس ۾ انگلينڊ جي دوري بابت ڪوبه فيصلو نه ٿيندو.