ميرپور ماٿيلو ۾ ڪار ۽ ٽرڪ جو ٽڪر، هڪ عورت فوت، ٻه ڄڻا زخمي

news

گهوٽڪي (رپورٽ:فرمان سومرو) ميرپورماٿيلو شھر جي باء پاس تي مسو واھ وٽ ڪار ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار راڄن پور جي رھواسڻ عورت مسمات رحمت خاتون فوت سندس مڙس غلام قادر ۽ فياض ڪورائي زخمي ٿيا.

زخمين کي ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.