لاهور: (خميس 14 مئي 2020ع) ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس لاهور ۾ به ڪيتريون ئي مارڪيٽون سيل ڪري ڇڏيون آهن.
لاهور ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ضلعي انتظاميه ڪيتريون ئي مارڪيٽون سيل ڪري ڇڏيون آهن. لاهور جي شاهه عالم مارڪيٽ جي اچ وڃ وارن رستن تي بيريئر لڳايا ويا ۽ ماڻهن کي اندر وڃڻ کان روڪيو ويو. جڏهن ته ان موقعي تي دڪاندارن جي پوليس اختيارين سان تڪرار به ڏسڻ ۾ آئي.
ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي پوليس انار ڪلي بازار، رنگ محل مارڪيٽ، سوها بازار، اڪبري منڊي ۽ موچي گيٽ سميت لاهور جي سمورين وڏين مارڪيٽن کي بند ڪرائي ڇڏيو آهي. انتظاميه طرفان لائوڊ اسپيڪر تي گهر واپس وڃڻ جا اعلان ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته دڪانون بند ڪرائڻ تي واپارين جو احتجاج جاري آهي.
ڊي سي افضال دانش موجب اسسٽنٽ ڪمشنر کليل دڪانن تي به ڪورونا ايس او پيز جي عملداري کي چيڪ ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه اي سي ماڊل ٽائون ذيشان نصرالله رانجها چورنگي، امر سدهو ۽ فيروز پور روڊ تي کليل دڪانن جي چيڪنگ ڪئي جتي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 7 دڪانن کي سيل ڪيو ويو.
ڊي سي لاهور جو چوڻ آهي ته شاهه عالم مارڪيٽ، انارڪلي، اعظم مارڪيٽ ۽ ٻين مارڪيٽن ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ دڪانن کي بند ڪرايو ويندو.