ميرپورماٿيلو ۽ ڀرپاسي ماڪڙ جو خاتمو نه ٿيو، بجيٽ ڪامورا ڳڙڪائي ويا

news

ميرپور ماٿيلو(رپورٽر) ميرپور ماٿيلو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ماڪڙ گهٽ نه ٿي، آيل بجيٽ به ڪامورا ڳڙڪائي ويا.

 

 ميرپور ماٿيلو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ماڪڙ گهٽ نه ٿي، ماڪڙ جا لامارا جاري آهن، جڏهن ته ماڪڙ کي ختم ڪرائڻ لاءِ آيل بجيٽ توڙي هزارين ليٽر دوا به ڪامورا ڳڙڪائي ويا آهن، جڏهن ته نيب، ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن نوٽيس ناهي ورتو.

 هوڏانهن ايڊيشنل ڊائريڪٽر عبدالمجيد وسطڙو توڙي ڪلارڪ غلام رسول شيخ جا ٺٺ لڳي ويا آهن، ٻئي طرف وري ماڪڙ آبادگارن جون متيون مجهائي ڇڏيون آهن.

ان حوالي سان آبادگارن جاويد، سعيد خان، عبدالوحيد، ۽ ٻين پاران ڪرپٽ ڪامورن ايڊيشنل ڊائريڪٽر عبدالمجيد وسطڙو ۽ ڪلارڪ غلام رسول شيخ خلاف ڪاروائي ڪرڻ توڙي ماڪڙ کي ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.