هاڻ هوا ڀرڻ واري موٽرسائيڪل کي کڻي هلڻ آسان

news

ٽوڪيو: سموري دنيا ۾ اي بائيڪ يا برقي موٽرسائيڪل جون ڪيتريون ئي ڊيزائنن تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ هوا ڀريندڙ بائيڪ جي دلچسپ خبر ٽوڪيو کان آئي آهي.

ان هلڪي ڦلڪي موٽرسائيڪل کي هوا ڀري هلائي سگهجي ٿو جنهن لاءِ ايئرپمپ جي ضرورت هوندي آهي پر ٻئين مرحلي ۾ ان کي بائيڪ سان ئي هنيو ويندو آهي، ان جو نالو پي او آءِ ايم او يا پوئيمو رکيو ويو آهي جيڪو پورٽيبل اينڊ انفيلٽيبل موبلٽي رکيو ويو آهي.

ڏسڻ ۾ ته هي هڪ ننڍڙي ۽ خوبصورت موٽرسائيڪل آهي جنهن کي ويڙهي سيڙهي  پنهنجي پٺيءَ  تي رکي سگهجي ٿو، اهڙيءَ طرح هي هوا ڀريندڙ برقي بائيڪ آهي، پنهنجي خوبصورت ۽ ننڍي ڊيزائن جي ڪري کڻي گهمي ڦري سگهجي ٿو.