مدئجي ويجهو ڳوٺ علي محمد ڪيهر ۾ ڳوٺاڻي جي گهر کي باهه، اناج سميت الهه تلهه سڙي رک

news

مدئجي: مدئجي ويجهو ڳوٺ علي محمد ڪيهر جي  رهواسي ڳوٺاڻي محمد صديق ڪيهر جي گهر کي باهه لڳڻ سبب گهر ۾ پيل هنڌ بسترا، ٿانو، پيتين سميت گهر ۾ پيل 300 مڻ بُهه جو کرو، 150 مڻ ڪاٺيون سڙي خاڪ ٿي ويا، باهه دوران عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

باهه جو اطلاع بروقت فائربرگيڊ عملي کي ڏيڻ باوجود واقعي کان ڪلاڪ بعد فائربرگيڊ عملو واقعي واري هنڌ پهتو، ان کان اڳ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ڪنٽرول آڻي، وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو.

ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻي محمد صديق ڪيهر رابطو ڪرڻ تي چيو ته اوچتو باهه لڳڻ سبب گهر ۾ پيل سمورو الهه تلهه سڙي وڃڻ سان گڏ لکين روپين جي ماليت جو بُهه ۽ ڪاٺيون پڻ سڙي خاڪ ۾ تبديل ٿي ويون آهن، باهه کان پوءِ کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار بڻيل آهيون، اختياريون نوٽيس وٺي اسان جي مالي مدد ڪن.