پنجاب حڪومت ۽ ٽرانسپورٽرن وچ ۾ ڀاڙا گهٽ ڪرڻ تي ڊيڊ لاڪ ختم نه ٿي سگهيو

news

لاهور: (ڇنڇر 16 مئي 2020ع)  پنجاب ۾ ٽرانسپورٽ مالڪن ڀاڙن ۾ گهٽتائي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي حڪومت ۽ ٽرانسپورٽر مالڪن جي وچ ۾ ڊيڊ لاڪ پيدا ٿي ويو آهي.

پبلڪ ٽرانسپورٽ اونرز ايسوسيئيشن جي صدر نديم ملڪ صحافين کي ٻڌايو سان 2 سالن کان ڀاڙا ناهن وڌايا. لاڪ ڊائون سبب اربين روپين جو نقصان ٿي چڪو آهي. ٽرانسپورٽر 10 سيڪڙو ڀاڙا گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن پر حڪومت جو زور آهي ته ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب ڀاڙن ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي.

هن چيو ته ڇنڇر واري ڏينهن ٿيندڙ هنگامي اجلاس ۾ آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين. واضح رهي ته پنجاب حڪومت لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ نرمي ڪندي پبلڪ ٽرانسپورٽ هلائڻ ۽ شاپنگ مال کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.