جاتي ۾ جماعت اسلامي پاران افطار پارٽي جو اهتمام، سوين روزيدار شريڪ

news

جاتي(رپورٽ:بابو غلام حسين ملاح) جاتي ۾ جماعت اسلامي پاران افطار پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سوين روزيدارن شرڪت ڪئي.

 انهيءَ موقعي تي جماعت اسلامي تعلقي جاتي جي سابق امير رفيق احمد کتري، تعلقي جاتي جي امير ذوالفقار علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري خميسو ملاح، نائب امير نظير احمد ميمڻ ۽ ٻين افطار پارٽي ۾ ڳالهائيندي چيو ته هن وقت جماعت اسلامي هر غريب سان گڏ آهي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق حالتن کي ڏسندي غريب ماڻهن ۾ پنهنجي ڪارڪن ذريعي راشن ۽ عيد جا ڪپڙا تقسيم ڪري رهيو آهي.

 وقت جي حڪمرانن غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي، اسان هن لاڪ ڊائون ۾ ڪيترن ئي بکايل ماڻهن جي گهرن ۾ راشن پهچايو آهي، انهيءَ موقعي تي جاتي پريس ڪلب جي صحافين ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.