فيس بڪ اينيمنڊ تصوير شيئر ڪندڙ ڪمپني گفي به خريد ڪري ورتي

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 16 مئي 2020ع)  فيس بڪ دنيا جي مشهور ترين اينيمنڊ تصويرون شيئر ڪندڙ ڪمپني گفي کي به خريد ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب فيس بڪ گفي ڪمپني جا شيئر 4 سئو ملين ڊالرن ۾ خريد ڪري ان جي ملڪيت حاصل ڪري ورتي جنهن کان پوءِ دنيا جون 3 وڏيون ڪمپنيون انسٽاگرام، واٽس ايپ، گفي فيس بڪ جون ملڪيتون ٿي ويون آهن. فيس بڪ گفي ڪمپني جا شيئر خريد ڪرڻ جي ڪوشش 2015 کان شروع ڪئي ۽ پنج سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ ڪمپني پنهنجو حدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

فيس بڪ گفي کي خريد ڪري ان کي فوٽو شيئرنگ ويب سائٽ انسٽاگرام جو حصو بنائي ڇڏيو آهي يعني صارفين هاڻ ڪجهه ڏينهن ۾ اينيمينڊ تصويرون به فوٽو شيئرنگ ويب سائٽ انسٽاگرام تي شيئر ڪري سگهندا. گفي ٽيم ان حوالي سان تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته صارفين جي لاءِ سروس جي دستيابي کي برقرار رکنداسين جنهن ۾ صارفين معمول موجب گفس اپ لوڊ ڪري سگهندا.