ڀارت ڪورونا ڪيسن ۾ چين کان اڳيان نڪري ويو

news

نئين دهلي: (ڇنڇر 16 مئي 2020ع) ڀارتي صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2068 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ ڀارت ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 85.940 ٿي چڪي آهي جيڪا چين مان ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙن جي هينئر تائين جي انگ يعني 82.941 کان به وڌيڪ آهي.

ڀارت ۾ گذريل ڏينهن کان ڪورونا وائرس جا 2.068 متاثر رپورٽ ٿيا آهن پر ڀارتي ادارن گذريل ڏينهن ان وبا سبب فوت ٿي ويلن جي انگ جي باري ۾ مڪمل خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي جيڪا هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. واضح رهي ته ڀارت ۾ هنيئر تائين ڪورونا وائرس سبب 2.752 فوتگيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته چين ۾ ڪورونا وائرس سبب  فوتين جو انگ 4.633 آهي.

ڪورونا وبا جي حوالي سان مودي سرڪار اڄ خاص اجلاس گهرايو آهي جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا اجلاس ۾ ڀارت ۾ جاري لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ سختي ڪرڻ، نرم ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جي باري ۾ فيصلا ڪيا ويندا.