سڪرنڊ ۾ پوليس زيادتين خلاف رند برادري جي ماڻهن پاران احتجاج

news

سڪرنڊ: سڪرنڊ ۾ پوليس جي ناجائزين خلاف مھراڻ ڪالوني سڪرنڊ جي رند برادري جي ماڻھن جو محرم رند ۽ الھرکيو رند جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي مظاھرين چيو ته سڪرنڊ پوليس جي ايس ايڇ او اسان جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آھي، اسان مال جا واپاري آھيون، اسان جو چورين، ڦرن ۽ منشيات کپائڻ سان ڪو به واسطو نه آھي.

ڪجھ ڏينھن اڳ سڪرنڊ پوليس بناجواز رات دير سان اسان جي گھرن تي ڪاهه ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري اسان ڇھن ڄڻن کي بنا جواز جي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، جڏھن ته اسان گرفتاري جو سبب پڇيو ته چيو ويو سڪرنڊ جي واپاري کان ست لک ڦر جي جاچ ۾ اوھان کي گرفتار ڪيو آھي، ان کانپوءِ اسان پنجن کي ڇڏي ڏنو، صرف چوڏھن سالن جي علي حسن رند کي آزاد نه ڪيو ۽ چيو ويو ته ان جي جاچ ھلي پئي ان دوران اسان کان ڳري رشوت جي گھر ڪئي وئي جيڪا اسان مسڪين نه ڏئي سگھيا سون ان کان پو ڪالھ پوليس ان کي چرس جي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري اسان سان ظلم ڪيو ويو آھي.

اسان ايم اين اي غلام مصطفيٰ شاهه، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کي اپيل ٿا ڪيون ته صاف  جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ملوث پوليس اھلڪارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.