نوابشاهه لڳ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

news

نوابشاهه: نوابشاهه حقاني ٽائون جي ويجهو مدينه سٽي ۾ پورهيت مولا بخش چانڊيو جي گهر کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ۾ ان، چانور، سونا زيور، موٽر سائيڪل سميت گهر ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.

مولا بخش چانڊيو ٻڌايو ته اسان سڀ گهر جا ڀاتي گهر ۾ موجود نه هئاسين. هن چيو ته احساس ڪفالت پروگرام جا پيسا وٺڻ لاءِ سچل ڪاليج سينٽر تي ويا هئاسين ته پاڙي وارن فون ڪري ٻڌايو ته توهان جي گهر کي باهه لڳي آهي.

هن چيو ته منهنجي گهر ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي.

هن ڪمشنر شهيد بينظير آباد، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينطير آباد، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ پ پ قيادت کان مطالبو ڪيو ته مون غريب جي مدد ڪئي وڃي ۽ منهنجا ٻچا گهر نه هئڻ ڪري کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.