بهاولپور ۾ مبينه پوليس مقابلو، داعش جا چار دهشتگرد مارجي ويا

news

بهاولپور: (آچر 17 مئي 2020ع) بهاولپور ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) سان مبينه مقابلي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم داعش جا 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 فرار ٿي ويا.

سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي بهاولپور ۾ اعظم چوڪ جي ويجهو ذخيره جنگل ۾ ڪئي وئي. ترجمان موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 3 فرار ٿي ويا آهن.

مقابلي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ امان الله، عبدالجبار، رحمان علي ۽ عليم جي نالن سان ڪئي وئي جنهن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم داعش سان ٻڌايو ويو آهي.

جوابدارن کان دستي بم، ايم ايس جي رائيفلز ۽ جديد اسلحو هٿ آيو آهي جڏهن ته دهشتگردن بهاولپور ۾ اقليتي عبادت گاهه کي نشانو بنائڻ چاهيو ٿي.