ميرپورخاص ۾ مڙس کان ناراض ٿي زال پاران ڌيءَ سميت آپگهات جي ڪوشش

news

ميرپورخاص(رپورٽ:علي جان) مالهي ڪالوني ۾ مڙس بلال مري سان ناراض ٿي زال نظيران مري پنهنجي 2 سالا ڌي ۽ زاران مري جي هٿن جون نسون بليڊ سان ڪٽي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال داخل ڪيو ويو، جتان کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو.

 مڙس بلال مري ٻڌايو ته آئون گهران ٻاهر نڪري ويس جڏھن واپس آيس ته زال ۽ ڌي ۽ رتورت ٿيل هيون جن کي سول اسپتال آندو آھي.

هن چيو ته گهر واري سان ڪوب جهيڙو نه ٿيو هو، هوش ۾ ايندي ته خبر پوندي ته خودڪشي جو سبب ڪهڙو آھي.

 ٻئي طرف ايس ايڇ او مهراڻ ٿاڻو مير محمد ڪيريو ٻڌايو ته بلال مري ميونسپل سانگهڙ جو ملازم آھي 2 شاديون ٿيل اٿس، وڏي گهر واري کي گهمائڻ لاءِ وٺي ويو ته ننڍي گهرواري ناراض ٿي خودڪشي ڪئي آھي .