بدين پوليس جون ڪارروايون، چار جوابدار گرفتار، منشيات هٿ، ڪيس داخل

news

بدين: ايس ايس پي بدين حسن سردار نيازي پاران ضلعي مان منشات جي پاڙ پٽڻ واري حڪمن بعد سي آءِ اي پوليس ڪڙيو گهنور ٿاڻي جي حد ۾  جوابدار اڪبر منڌرو کي گرفتار ڪرڻ بعد وٽائنس اڌ ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي مٿس ڪڙيو گهنور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

جڏهن ته تلهار پوليس پاران جوابدار محمد علي عرف ڏاڏا شيخ کان 10 ليٽر، ٽنڊو غلام علي پوليس جوابدار حڪيم جسڪاڻي کان 9 ليٽر ڪچو شراب ۽ گلاب لغاري پوليس جوابدار غلام مصطفيٰ ڪمبوه کان ٻه هزار کان مٿي سفينه گهٽڪا ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ بعد جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.