نوابشاهه لڳ گهرو اڻبڻت تان مختلف واقعن ۾ ٻن عورتن ڦاهو کائي پنهنجي زندگين جو انت آڻي ڇڏيو

news

نوابشاهه: قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ شير خان وٽو ۾ حاڪم زادي وٽو گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو.

هوڏانهن گپچاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد مرزا لڳ 26 سالن جي ناري شرمتي زال امبيو ڪولهي مڙس کان ناراض ٿي ڪمري جي ڇت جي لڪڙن ۾ رسو وجھي ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.