نوابشاهه لڳ ڳوٺ مراد علي ميرجت ۾ نامعلوم چور واپاري جي گهر مان چوري ڪري ويا

news

نوابشاهه: سٺ ميل ٿاڻي جي حد ۾ديھ 2 چڪ اوڀاري ساوڙي جي ڳوٺ مراد علي ميرجت ۾ نامعلوم چور سيٺ علي حسن ميرجت جي گھر اندر داخل ٿي سون، نقد، لائسنس وارو پسٽل ۽ ٻيو قيمتي سامان واري بيگ کڻي ڳوٺ کان ھڪ ايڪڙ پري بيگ جا تالا ٽوڙي اٽڪل ڏھ لک روپين جو سامان کڻي فرار ٿي ويا.

متاثر علي حسن ميرجت جو چوڻ آهي ته بيگ تي فنگر پرنٽ حاصل ڪري ڏوھارين کي گرفتار ڪري چوري جو سامان واپس ڪرايو وڃي.