طالبان پاران افغان انٽيليجنس آفيس تي خودڪش حملو، ست اهلڪار مارجي ويا

news

ڪابل: (سومر 18 مئي 2020ع) افغانستان جي صوبي غزني ۾ انٽيليجنس ايجنسي(اين ڊي ايس) جي آفيس تي طالبان پاران ڪار بم حملي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

افغان اختيارين موجب ڪار بم ڌماڪو افغان انٽيلجنس ايجنسي اين ڊي ايس جي عمارت جي ويجهو صبح ساڍي چئين وڳي پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ مارجي ويل ۽  زخمي ٿيندڙن ۾ وڏو انگ اين ڊي ايس جي ملازمن جو آهي.

ٻئي طرف طالبان اين ڊي ايس جي آفيس تي حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جي طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته غزه ۾ دشمن جي گڏيل اڏي ۽ فوجي بيرڪن تي هوائي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيترائي فوجي مارجي ويا ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا.

ذبيع الله مجاهد جو چوڻ هو ته غزني ۾ گڏيل فوجي اڏي تي حملو زيد قندهاري نالي بهادر مجاهد هڪ ڪار جي مدد سان ڪيو. حملي ۾ فوجين جي مارجي وڃڻ سان گڏ وڏي انگ ۾ ٽينڪون، گاڏيون ۽ ٻيو فوجي سامان تباهه ٿيو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ ميٽرنٽي هوم  ۽ صوبي ننگرهار ۾ جنازي تي هٿياربندن حملو ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ 37 ڄڻا مارجي ويا هئا.