news
خضدار

بلوچستان ۾ ناياب نانگن جو شڪار ۽ اسمگلنگ ۾ گهٽتائي پر وڌيڪ اپائن جي ضرورت

خضدار: بلوچستان ۾ ناياب نانگن جو شڪار، اسمگلنگ ۽ ٻين طريقن سان انهن کي قبضي ۾ آڻڻ وارو رجحان گهٽ ٿيو آهي پر اڃان به وڌيڪ اپائن جي ضرورت آهي ته جيئن قيمتي ۽ ناياب نانگن جو تحفظ ٿي سگهي.

تمام ٿورا ماڻهو اهو ڄاڻندا هوندا ته بلوچستان جا ڪجهه ضلعا نايان نانگن جي حوالي سان عالمي سڃاڻپ رکن ٿا، انهن ۾ هڪ ليف نوز وائپر به آهي جنهن جو هڪ گرام ڪرسٽل حالت جو زهر هزارين يورو ۾ وڪرو ٿئي ٿو.

هاڻ برپٽوزووا نالي جرنل ۾ پاڪستان ميوزيم آف نيچرل هسٽري ۽ پشاور يونيورسٽي جي ماهرن هڪ سروي جا تفصيل شايع ڪيا آهن، ان ۾ چيو ويو آهي ته 2013 کانپوءِ صوبائي حڪومت جي سخت اپائن سبب ناياب نانگن جو شڪار ۽ انهن کي پڪڙڻ جي رجحان ۾ واضح گهٽتائي ٿي هجي.

انهن نانگن کي پالڻ، دوائون ٺاهڻ ۽ تماشي لاءِ پڻ پڪڙيو ويندو آهي، جنهن جي ڪري بلوچستان جي ناگن جي زندگي خطري ۾ هئي پر اهڙو رجحان هاڻ گهٽ ٿي رهيو آهي، تحقيقي رپورٽ موجب بلوچستان ۾ نانگن جا ڪيترائي قسم موجود آهن، اسمگلنگ ۽ شڪار مافيا ايڏي وڏي آهي جو انهن جي هر ڪارروائي کي ريڪارڊ تي آڻڻ به ممڪن ناهي.

پر 2013 کانپوءِ خود بلوچستان ۽ پاڪستان ۾ اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن کي پڪڙيو ويو آهي جيڪي نانگن جي چوري ۾ ملوث هئا، تحقيقي جرنل ۾ ڇپيل رپورٽ جي مرڪز ليکڪ ڊاڪٽر رفاقت مسرور آهي، هن 2013 کان 2017 تائين چاغي، پنجڪور، نوشڪي، خاران ۽ واشڪ جو سفر ڪيو جتي غيرقانوني طور تي نانگن کي پڪڙيندڙ 73 ماڻهن جو انٽرويو ڪيو.

ان ۾ ماڻهو گروهه جي صورت ۾ ڪم ٿا ڪن،جن ۾ 14 کان وٺي 50 سالن تائين جا ماڻهو به شامل آهن، هنن جي آمدني جو ذريعو نانگ پڪڙڻ ۽ ان سان تماشو ڪرڻ رهيو آهي،جن ۾ جوڳي اچي ٿا وڃن، ٻئي طرف ڪراچي ۽ ٻين شهرن جا مقامي حڪيم به نانگن کي خريد ڪندا آهن ۽ پڪڙيندا آهن.

ٻئي طرف مقامي آبادي نانگن کي مارڻ جو ڌڪ ناهي گسائيندي ۽ انهن ۾ زهر جي خوف کان نانگن ۽ چچين کي فورن ماري ڇڏيندا آهن، ماهرن ان دوران غيرقانوني طور تي پڪڙيل 5370 نانگن کي به پڪڙيو ويو جيڪي 19 قسم جا ناياب نانگ آهن ۽ تحفظ جو حق رکن ٿا، ان حوالي سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪافي تحرڪ ۾ نظر آيا.

پر پاڪستاني ماهرن وڌيڪ سخت اپائن تي زور ڏنو آهي ۽ سائنسي تحقيق لاءِ نانگن جي زهر تي مڪمل پابندي جو مطالبو ڪيو آهي.