آمريڪي هوائي جو ”خلائي جهاز“ پنهنجي ڳجهي مشن تي روانو

news

واشنگٽن: آمريڪي هوائي هڪ اٽلس فائيو راڪيٽ کي ڪاميابي سان خلا ۾ لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هڪ ڳجهي مشن سرانجام ڏيڻ لاءِ ايڪس 37 بي خلائي جهاز به شامل آهي.

هي راڪيٽ ڪيپ ڪينال ويرال جي خلائي اڏي تان ڇنڇر جي ڏينهن لانچ ڪرڻو هو پر موسم خراب هجڻ ڪري ان کي آچر جي ڏينهن لانچ ڪيو ويو.

آربيٽل ٽيسٽ وهيڪل (او ٽي وي) چورائيندڙ جهاز هڪ سيارچي کي مدار ۾ ڇڏيندو ۽ پاور بيمنگ ٽيڪانالوجي يعني لهرن ذريعي توانائي جي منتقلي جي به آزمائش ڪندو.

هي ان جهاز جو خلا ۾ ڇهون مشن هوندو.

ان مشن جي لانچنگ کي ڪورونا جي خلاف پهرين صف ۾ وڙهندڙ ڪارڪنن ۽ ان کان متاثر ٿيندڙن جي نالي ڪيو ويو هو.

ايڪس 37 بي هڪ ڳجهو پروگرام آهي ۽ ان جي باري ۾ تمام ٿوري معلومات موجود آهي.

پينٽاگان ان ڊرون جي مشنز ۽ ان جي صلاحيتن جي باري ۾ ماضي ۾ تمام ٿوري معلومات جاري ڪئي آهي.

هوائي سيڪريٽري باربرا بيريٽ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ چيو هو ته ايڪس 37 بي جو هي مشن گذريل ڪنهن به مشن کان وڌيڪ تجربا ڪندو.

هڪ تجربي ۾ ٻجن ۽ ٻين مادن تي تابڪاري جي اثرن جو جائزو ورتو ويندو.

ايڪس 37 بي پروگرام 1999 ۾ شروع ڪيو ويو هو، هي جهاز 2011 ۾ رٽائر ٿيندڙ سپيس شٽل جي ننڍي سائز جهڙو لڳي ٿو، هي بلڪل اسپيس شٽل وانگي هوا کان رن وي تي لهي سگهي ٿو.

بوئنگ جو ٺهيل هي جهاز مدار ۾ رهي توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ شمسي پينلز جو استعمال ٿو ڪري.

ان جي ڊيگهه 29 فوٽن کان وڌيڪ آهي، ان جي پرن جي پرن جي پکيڙ 15 فوٽ جڏهن ته ان جو وزن 11 هزار پائونڊ يا 4989 ڪلو آهي.

هن جهاز پهريون ڀيرو اپريل 2010 ۾ اڏام ڪئي هئي ۽ 8 مهينن جي طويل مشن کانپوءِ واپس موٽيو.

ان جو تازو مشن 780 ڏينهن مدار ۾ رهڻ بعد آڪٽوبر 2019 ۾ ختم ٿيو جنهن کانپوءِ ان جهاز جو خلا ۾ گذاريل وقت ست سال ٿي ويو آهي.

هاڻ اهو واضح ناهي ته هي مشن ڪيتري وقت تائين جاري رهندو.