عيد جي نماز گهر تي به پڙهي سگهجي ٿي: سعودي مفتي اعظم

news

رياض: (سومر 18 مئي 2020ع) سعودي مفتي اعظم جو چوڻ آهي ته عيد جي نماز گهر تي به پڙهي سگهجي ٿي.

عرب خبرون ڏيندڙ اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ سعودي مفتي اعظم ۽ سعودي سائنٽيفڪ اينڊ ريسرچ ڪائونسل جي سربراهه شيخ عبدالعزيز الشيخ چيو آهي ته غير معمولي حالتن ۾ ۽ موجوده عالمي وبا جي صورتحال سبب عيد جي نماز گهر تي ادا ڪرڻ مناسب عمل آهي.

هن چيو ته عيد جي نماز گهر تي اد اڪري سگهجي ٿي جڏهن ته نماز اڪيلي ۽ باجماعت به ادا ڪري سگهجي ٿي. سعودي مفتي اعظم سعودي شهرين کي عيد جي نماز گهرن تي ادا ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته اهڙي طرح جي ماحول ۾ والدين پنهنجو گهڻو وقت گهرن ۾ پنهنجي ٻارن سان گڏ گذارين.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب سعودي عرب ۾ تراويح جي نماز به گهرن تي پڙهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ مسجد الحرام ۾ ڪجهه مخصوص ماڻهن کي تراويح جي نماز جي اجازت ڏني وئي جڏهن ته مسجد ۾ پنج وقت نماز جي ادائگي تي به پابندي آهي.

ان کان علاوه سعودي حڪومت ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب عيدالفطر تي مڪمل ڪرفيو جو اعلان ڪيو ويو آهي.