فرانس ۾ ڪورونا سبب گاڏين ۾ ويهي عبادت ڪرڻ جو رجحان وڌڻ لڳو

news

پيرس: (سومر 18 مئي 2020ع) عالمي وبا کي نظر ۾ رکندي سماجي وٿي قائم رکڻ جي لاءِ مختلف طريقن تي عمل ڪيو پيو وڃي.

فرانس ۾ ڊرائيور ان عبادت ۽ پارڪ ۾ مڪينڪل هاٿي ذريعي پاڻي اڇلي ماڻهن کي پري رکيو پيو وڃي. فرانس ۾ هاڻ ڊرائيو ان ڪيٿولڪ سروس جي به شروعات ٿي وئي آهي.

جنهن تحت ماڻهو پنهنجي پنهنجي گاڏين ۾ ويهي عبادت ۾ مصروف آهن بشپ به پري رهي ماڻهن کي الوداع ڪيو. فرانس جي تهيم پارڪ ۾ سماجي وٿي قائم رکڻ لاءِ انوکو انداز اپنايو ويو.

پارڪ ۾ 12 ميٽر ويڪري ۽ 21 ميٽر ڊگهي مڪينڪل هاٿي پاڻي اڇلي ماڻهن کي پري رکيو. سياح ايڏي وڏي هاٿي تي ويهي سير ڪندا آهن پر هن ڀيري ڪنهن کي به ان تي نه ويهاريو ويو.