نئون ڪوٽ: نوجوان ناري جو گهرو اڻبت تان ڦاهو کائي آپگهات

news

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نھڙيو) نئون ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ مانجھي خان سومرو ۾20 سالا نوجوان شادي شده ناري شريمتي کيمي زال آسن ڪولهي گهرو اڻبڻت تان پنهنجي گهر اندر ڳچي ۾رسو وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو.

 اطلاع تي نئون ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش پنهنجي تحويل ۾وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ نئون ڪوٽ جي رورل هيلٿ سينٽر آندو آهي.

 ناري جي مڙس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي زال چيو ته مونکي مائٽن ڏانهن وٺي حل مون چيو ته ٻه ڏينهن بعد هلنداسين ٻني جو ڪم ڪار رهيل آهي پر زال ناراض ٿي اهڙو قدم کنيو آهي.

 هوڏانهن ناري جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آهي.

 واضح رهي ته نئون ڪوٽ ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾پنڌرهن ڏينهن ۾خود ڪشي جو هي ستون واقعو پيش آيو آهي.

 وڌندڙ خودڪشين جي واقعن تي هتان جي رهواسين ۾ ڏک ۽ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.