چيني ماهرن ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ جديد ماسڪ تيار ڪري ورتو

news

بيجنگ: (اڱارو 19 مئي 2020ع) ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ فيس ماسڪ جو استعمال ڪرڻ ضروري آهي ۽ وائرس کان بچڻ جو واحد حل احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ آهي. وائرس کان بچڻ جي لاءِ فيس ماسڪ پائڻ سان اسان کي ڪيترين ئي پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي جنهن ۾ کاڌو کائڻ ۽ فيس لاڪ ٽيڪنالاجي سان موبائل کولڻ آهي.

تازو ئي هڪ چيني ڪمپني هن مسئلي جو حل به ڳولي ورتو آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ٽرانسپيرنٽ پلاسٽڪ اين نائن فائيو ماسڪ تيار ڪري ورتو آهي. هن ٽرانسپيرنٽ فيس ماسڪ کي اينٽي فوگ مادي سان تيار ڪيو ويو آهي جنهن سان اوهان جو چهرو ماسڪ لڳائڻ جي باوجود به نظر ايندو آهي ۽ اوهان پنهنجي فون کي فيس لاڪ سان موبائيل آساني سان کولي سگهو ٿا.

ٻئي طرف ماسڪ ۾ موجود فلٽرز، الٽرا وائٽ شعاعن ذريعي يو ايس بي پورٽ ۾ لڳائڻ کان پوءِ صرف 1 منٽن ۾ جراثيم کان پاڪ ٿي ويندو آهي. ڪمپني جي دعويٰ آهي ته جديد ٽيڪنالاجي سان ليس هن ماسڪ کي استعمال ڪندڙ صارفين کي ساهه کڻڻ ۾ به ڪا پريشاني نه ٿيندي. ماسڪ ٺاهيندڙ چيني ڪمپني هوامي موجب هي ماسڪ صارفين کي 7 کان 12 مهينن کان پوءِ ملي سگهندو.