فيس بڪ جي پليٽ فارم نفرت وڌائڻ ۾ مدد ڪئي: ڪمپني اعتراف ڪري ورتو

news

لنڊن: (اڱارو 19 مئي 2020ع) سماجي رابطن جي مشهور ترين ويب سائٽ فيس بڪ اعتراف ڪيو آهي ته 2018 ۾ سريلنڪا ۾ ٿيندڙ تشدد واقعن دوران فيس بڪ جي پليٽ فارم نفرت وڌائڻ ۾ مدد ڪئي.

فيس بڪ ڪمپني جاچ  جي مختصر رپورٽ جاري ڪئي آهي. جنهن موجب سريلنڪا ۾ فيس بڪ جي غلط استعمال کي ڪمپني سنجيدگي سان ناهي ورتو. جنهن سبب سريلنڪا ۾ تشدد وارن واقعن کي هوا ملي.

مذڪوره جاچ تي رد عمل ڏيندي ڪمپني جو چوڻ آهي ته اسان جي پليٽ فارم کي غلط استعمال تي ڏک آهي. اسان هن سبب ٿيندڙ اثرن کي سمجهون ٿا جنهن سبب اسان معذرت خواهه آهيون.