پي سي بي جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي ڪپتاني جون ذميواريون ڏنيون: بابر اعظم

news

لاهور: (اڱارو 19 مئي 2020ع)  قومي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي ڪپتاني جون ذميواريون ڏنيون.

بورڊ رانديگرن جي صحت کي نظر ۾ رکندي انگلينڊ موڪليندو. وڊيو ڪانفرنس جي دوران بابر اعظم جو چوڻ آهي ته مان بورڊ جو ٿورائتو آهيان جنهن ڪپتاني جون ذميواريون ڏنيون.

مان انڊر 19 ۾ به ڪپتاني ڪري چڪو آهيان ۽ مون کي ڪپتاني جو تجربو آهي ڪوشش آهي ته قومي ٽيم جي رينڪنگ ۾ بهتري آڻيان.

هن چيو ته انگلينڊ جي دوري لاءِ اڃان ڪابه اڳڀرائي ناهي ٿي. هن وقت ڪورونا وائرس سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهيو آهي سڀني کي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻو پوندو. مون کي وسيم خان ۽ مصباح الحق ڪپتاني جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ کان علاوه مبارڪباد به ڏني.