ڪرڪيٽ جون سرگرميون شروع ڪرڻ لاءِ پي سي بي حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news

لاهور: (اڱارو 19 مئي 2020ع) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) حڪومتي اجازت ملڻ کان پوءِ ئي رانديگرن جي ٽريننگ واري حتمي شيڊول جو اعلان ڪندي.

ذريعن موجب پي سي بي طرفان اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته بائيو سيڪيور انتظامن سان گڏ قومي رانديگرن کي ڪرڪيٽ ٽريننگ طرف کڻي ايندي.

پي سي بي ذريعن موجب حڪومتي اجازت ملڻ کان پوءِ ئي پي سي بي رانديگرن جي حتمي شيڊول جو اعلان ڪندي ڇو ته ڪورونا وائرس سبب حڪومت طرفان اڃان تائين راندين جي سرگرمين تي لڳايل پابندين ۾ نرمي ناهي ڪئي وئي ان لاءِ رانديگرن کي ميدان ۾ واپس آڻڻ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ کان پوءِ حڪومت کان اجازت ورتي ويندي.

بائيو سيڪيور انتظامن جي حوالي سان حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ کان پوءِ رانديگرن، سپورٽ اسٽاف ۽ نيشنل اڪيڊمي جي عملي جي ڪورونا ٽيسٽ جو طريقو طئي ڪيو ويندو.