آمريڪي صدر صحت جي عالمي اداري جا فنڊ هميشه لاءِ روڪڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

news

واشنگٽن: (اڱارو 19 مئي 2020ع) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحت جي عالمي اداري کي ڪورونا وبا تي قابو ڪرڻ جي لاءِ بهتر لائحه عمل اختيار نه ڪرڻ جي صورت ۾ هميشه جي لاءِ فنڊنگ روڪڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

صدر ٽرمپ صحت جي عالمي اداري جي سربراهه ڊاڪٽر ٽيڊروس کي خط لکيو جنهن ۾ هن چيو ته جيڪڏهن صحت جو عالمي ادارو ڪورونا تي قابو ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ 30 ڏينهن ۾ ڪا بهتري نه ڏيکاري ته ان جي فنڊنگ هميشه جي لاءِ روڪي ويندي.

ٽرمپ پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته اوهان جي ۽ اوهان جي اداري طرفان وبا تي قابو ڪرڻ جي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر غلط قدم واضح آهي جنهن جي قيمت پوري دنيا  ڀڳتي رهي آهي. آمريڪي صدر چيو ته اهڙي صورتحال ۾ اداري وٽ هڪ ئي رستو آهي ته هو ثابت ڪري ته هو چين طرفان آزاد آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو ته منهنجي انتظاميه پهريان ئي اوهان سان هن معاملي تي بحث ڪري چڪي آهي ته ادارو ڪهڙي طريقي سان بهتر ڪم ڪري سگهي ٿو پر ان جي لاءِ تيز ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته اسان وٽ وقت ضايع ڪرڻ جو وقت ناهي.