ڪڙيوگهنور لڳ ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ ملازمت ڪندڙ ڦڦڙن جي ڪينسر سبب فوت، سندس ٻڄا فاقاڪشي تي مجبور

news

ڪڙيو گهنور: ڪڙيوگهنور شهر لڳ ڳوٺ سهراب واسي مرحوم غلام رسول نظاماڻي مسلسل 20 سال زندگي جا ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ ملازمت ڪئي، جنهن سال 2019ع ۾ اي يو اي ڪمپني ۾ سينڊ بلاسٽنگ جو ڪم ڪري رهيو هو، جنهن بعد اوچتو بيمار ٿيڻ ڪري ڊاڪٽرن پاران کيس ڦڦڙن جي ڪينسر جي بيماري ٻڌائي وئي، جيڪا کيس جلد ئي وڪوڙي وئي، جنهن سبب هو مسلسل بستري تي پيل هو ۽ گذريل هڪ مهينو اڳ زندگي جي بازي هارائي فوت ٿي ويو.

جنهن دوران وارثن مسلسل ڪمپني توڙي وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي پر کين ڪٿان به مدد نه ملي سگهي آهي. هنن پاران انصاف لاءِ صحافين کي ٻڌايو آهي ته سندس والد 20 سال ڪمپني ۾ سخت ۽ زندگي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندڙ ڪم ڪري رهيو هو پر جڏهن کان بيماري جي بستري تي ڪريو ته کيس ڪمپني اڪيلو ڇڏي ڏنو.

مسلسل هڪ سال تائين بيماري ۾ زندگي جي جنگ وڙهندي ڦڦڙن جي ڪينسر سبب  فوت ٿي ويو، اسان مقامي ڪمپني توڙي وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي ڪير به اسان جي دانهن نه ٿو ٻڌي.

هنن چيو ته ملٽي نيشنل ڪمپني جو ٺيڪيدار اي يو اي ڪمپني جنهن ۾ سندن والد ملازمت ڪندو هو انهن کي فوتگي جو اطلاع ڪيو ۽ مدد گهري ته هنن صاف انڪار ڪري ڇڏيو.

هنن چيو ته  اسان جي تعليمي سرگرميون متاثر ٿي ويون آهن، شاگرد ڀاءُ مزدوري ڪري رهيو آهي ۽ جو خرچو وڏي مشڪل سان هلي رهيو آهي، مقامي نمائندا ۽ ڪمپني انتظاميه توڙي وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.

جڏهن ته مرحوم غلام رسول جي پونئرن ۾ سندس ڌيءَ ڪرن نظاماڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجو والد اي يو اي ڪمپني جي ملازمت دوران ڦڦڙن جي ڪينسر جو شڪار ٿي ويو هو، ڊاڪٽرن کيس ان ڪم کان روڪيو به هو جنهن بعد بيماري جي بستري تي ڪري پيو، اسان ڪمپني توڙي وس وارن کي واهر جي اپيل ڪئي پر اسان جي ڪنهن به مدد نه ڪئي نيٺ قرض کڻي بابا جو علاج ڪرايو پر هو فوت ٿي ويو جنهن کان پوء اسان  مسلسل فاقاڪشي جو شڪار ٿي ويا آهيون.

لاڪ ڊائون ۾ امداد کان وٺي ڪنهن به حوالي سان ڪابه مدد نه ڪئي وئي نه ئي ڪير لڙي آهيو آهي، هن چيو آهي ته سندس والد جي خواهش هئي ته اسان تعليم حاصل ڪيون. ان حوالي سان مونکي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ يونيورسٽي آف ڄامشورو موڪليو، جنهن ۾ سيڪنڊ ايئر ڪليئر ڪيو آهي، وڌيڪ اخراجات نه هئڻ ڪري تعليم متاثر ٿي رهي آهي. جڏهن ته سندس ٻي ڌي امبر انٽر ۾ پڙهندي هئي جيڪا به اڳتي تعليم پرائڻ چاهي ٿي جيڪو سندس بابا جو خواب هو وڌيڪ سندس پٽ زين العابدين جيڪو فرسٽ ايئر جو شاگرد آهي. هن وقت مزدوري ڪري گهر جي پوري مشڪل سان ڪري رهيو آهي ۽ سب کان ننڊو پٽ 8 ڪلاس ۾ پڙهي رهيو هو جيڪو پڻ گهر ويئي رهيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته وس وارا حڪومت توڙي انساني حقوق وارا ۽ ملٽي نيشنل ڪمپني سندس واهر ڪري.