سنڌ کان پوءِ پنجاب ۾ به شاپنگ مالز ۽ وڏا پلازه کولڻ جي اجازت

news

لاهور:(اربع 20 مئي 2020ع)  سنڌ کان پوءِ پنجاب حڪومت به شاپنگ  مالز ۽ وڏن پلازن سميت ٻين مارڪيٽن کي سڄو هفتو کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

پنجاب حڪومت جي ڪورونا کان بچاءُ واري ڪيبينيٽ ڪميٽي جي هدايت تي سيڪريٽري پرائمري ۽ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ڪيپٽن(ر) محمد عثمان شاپنگ مالز ۽ وڏن پلازن سميت ٻيون مارڪيٽون کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ سمورا شاپنگ مالز   ۽ پلازا هفتي جا 7 ڏينهن صبح 9 کان شام 5 وڳي تائين کليل رهندا. جڏهن ته شاپنگ مالز ۽ وڏن پلازن ۾ قائم فوڊ ڪورٽ ۽ پلي ايريا بند رهندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سمورا شاپنگ مالز ۽ پلازن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لازمي هوندو.

سيڪريٽري پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر موجب شاپنگ مالز ۽ پلازن جي لاءِ قائدا ۽ ضابطا نوٽيفڪيشن سان گڏ ئي جاري ڪيا ويا آهن.