بلوچستان: اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ ٻه جون تائين واڌ ڪئي وئي

news

ڪوئٽه: (اربع 20 مئي 2020ع) بلوچستان جي حڪومت صوبي ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي جيڪو هاڻ 2 جون تائين برقرار رهندو.

بلوچستان ۾ لاڪ ڊائون جو ٽائيم اڄ ٻنپهرن جو 12 وڳي ختم ٿي ويو هئو. جنهن ۾ واڌ جي لاءِ گهرو وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. لاڪ ڊائون دوران صوبي ۾ سمورا شاپنگ مالز مارڪيٽون، دڪانون، گودام، آٽو رپيئر جون دڪانون، حجم جي دڪانن کي صبح 3 وڳي کان شام 5 وڳي تائين کولي رکڻ جي اجازت هوندي. پر رمضان کان پوءِ شاپنگ مالز، مارڪيٽون ۽ دڪانون صبح 8 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کولي سگهبيون.

گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب تندور، کير جون ڊيريون، ميڊيڪل اسٽور، بلڊ بينگ ۽ درزين کي 24 ڪلاڪ دڪانون کولڻ جي اجازت هوندي. جڏهن ته هوٽلن کي صرف هوم ڊليوري ۽ پارسل جي لاءِ 24 ڪلاڪ کولي رکڻ جي اجازت هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته دڪانن ۽ مالز ۾ ڪم ڪندڙ ملازم ۽ گراهڪن جا هٿ ڌوئڻ لاءِ سينيٽائزر جي فراهمي ۽ ماسڪ، گلوز جو استعمال لازمي آهي.

ڪنهن به گراهڪ کي بنا ماسڪ دڪان يا شاپنگ مال ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي.  جڏهن ته گراهڪ ۽ ملازم جي وچ ۾ هڪ ميٽر جو فاصلو ضروري هوندو ۽ ڪنهن به دڪان ۾ هڪ وقت ۾ 4 کان وڌيڪ ماڻهو نه هوندا.