ٻن سالن جي عمر ۾ اغوا ڪيل ٻار ٻٽيهه سالن کان پوءِ والدين کي ملي ويو

news

بيجنگ: (اربع 20 مئي 2020ع) چين ۾ هڪ هوٽل جي ٻاهران اغوا ڪيل ٻار 32 سالن کان پوءِ پنهنجي والدين کي ملي ويو. عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب 32 سال اڳ 1988ع ۾ چيني ٻار مائوين کي هڪ هوٽل جي ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو ۽ ان وقت ان جي عمر 2 سال هئي.

اغوا ٿيڻ کان پوءِ ان ڇوڪري کي هڪ بي اولا دجوڙي کي وڪرو ڪيو ويو هو جنهن سندس پنهنجي اولاد جيان پرورش ڪئي. پوليس کي گذريل مهيني اپريل ۾ مغوي جي حوالي سان ڪجهه خبرون مليون ته چيني صوبي سچوان سان تعلق رکندڙ هڪ شخص 1988ع ۾ هڪ ٻار کڻي آيو هو جنهن تي پوليس جاچ شروع ڪئي. پوليس ڪارروائي ڪندي پهريان مغوي کي بازياب ڪيو ۽ تصديق ڪئي ته ان ٻار کي هوٽل جي ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو. پوليس 32 سال اڳ اغوا ڪيل هن ڇوڪري کي ان جي حقيقي والدين تائين پهچائڻ جي لاءِ چهرو سڃاڻپ ڪندڙ ٽيڪنالاجي ۽ ڊي اين اي جو سهارو ورتو.

پوليس موجب مغوي جي ننڍپڻ جي تصوير جمع ڪئي وئي ۽ والدين جي ڳولا جي لاءِ نيشنل ڊيٽابيس کان مدد ورتي وئي جنهن کان پوءِ پوليس ان 34 ساله مغوي کي ان جي والدين جي حوالي ڪيو جنهن پنهنجي ٻار جي ڳولا لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي.  مغوي پٽ سان سالن کان پوءِ ملاقات کان پوءِ ماءُ روئڻهارڪي ٿي وئي. ان موقعي تي ماءُ جو چوڻ هو ته مان پنهنجي پٽ جي ڳولا لاءِ نوڪري ڇڏي ڏني ۽ اختيارين کي هڪ لک کان وڌيڪ خط موڪليا جڏهن ته کوڙ ڀيرا ڪيترن ئي ٽي وي چينلن تي پنهنجي ٻار جي واپسي جي لاءِ اپيل به ڪئي هئي.