والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب اهم حريت اڳواڻ شهيد

news

سري نگر: (اربع 20 مئي 2020ع) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران اهم حريت پسند نوجوان اڳواڻ جنيد صحرائي کي ساٿين سميت شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب شهيد ٿيندڙ نوجوان ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينئر اڳواڻ محمد اشرف صحرائي جو پٽ هو. قابض فوج سرينگر جي ڏوراهين علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي پوري علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو هو ۽ ڀارتي اهلڪارن گهرن جو تقدس پامال ڪيو جنهن کان پوءِ فائرنگ ڪري اهم حريت پسند جنيد صحرائي کي ساٿين سميت شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪارروائي دوران ٻن گهرن کي ڌماڪيدار مواد سان تباهه ڪيو ويو. شهيد نوجوان ايم بي اي تائين تعليم حاصل ڪري چڪو هو ۽ ٻه سال اڳ پنهنجي گهر جي ويجهو ئي ڀارتي فورس طرفان تشدد جو نشانو بنائڻ کان پوءِ آزادي واري تحريڪ ۾ شامل ڪيو ويو هو.

ڪارروائي دوران ڀارتي ريزرو پوليس فورس جا 2 اهلڪار به زخمي ٿي ويا هئا. شهيد حريت اڳواڻ جنيد صحرائي جي جنازي جي نماز ادا ڪئي وئي  آهي. هوڏانهن ڀارتي فورس ڪارروائي جي خلاف سخت عوامي رد عمل کي نظر ۾ رکندي اڃان تائين علائقي جو گهيرو ڪري رکيو آهي.