برازيل ۾ ڪورونا سبب رڪارڊ فوتگيون، سڄي دنيا ۾ ٽي لک چوويهه هزار کان مٿي ماڻهو فوت

news

واشنگٽن: (اربع 20 مئي 2020ع) برازيل ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ئي ڏينهن ۾ رڪارڊ فوتگين ٿيڻ کان پوءِ لاطيني آمريڪي ملڪ دنيا ۾ ڪورونا جي ڪيسن جي حوالي سان چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.

برازيل ۾ گذريل ڏينهن رڪارڊ 1179 فوتگيون رڪارڊ ڪيو ويون جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ فوتين جو انگ 17 هزار 871 ٿي ويو آهي. جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوء ملڪ ۾ مريضن جو انگ 2 لک 71 هزار 885 ٿي ويو آهي.

ڪورونا وائرس کي روڪڻ جي لاءِ لاڪ ڊائون جي مخالف برازيلين صدر جيئربولسوناروگ کي انساني حقن جي تنظيمن طرفان سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي. وينزويلا ملڪ ۾ ڪيسن جو انگ وڌڻ کان پوءِ برازيل ۽ ڪولمبيا سان گڏ پنهنجون سرحدون بند ڪري ڇڏيون. چين آمريڪا تي الزام لاڳو ڪيو آهي ته واشنگٽن، بيجنگ تي بي بنياد الزام لاڳو ڪري ان جي ساک کي متاثر ڪرڻ سان گڏ صحت جي عالمي اداري کي ڌمڪيون ڏئي ان جي ڪارڪردگي کي به متاثر ڪري رهيو آهي.

سڄي دنيا ۾ ڪورونا جي متاثر مريضن جو انگ 49 لک 90 هزار تائين پهچي ويو آهي. جنهن ۾ 3 لک 24 هزار 970 ماڻهو فوت جڏهن ته 19 لک 60 هزار 500 کان وڌيڪ ماڻهو صحتياب به ٿي چڪا آهن.