گهر ۾ لاڳيتو ڪم ڪرڻ سان ذهني صحت خراب ٿيڻ جا امڪان

news

لنڊن: (اربع 20 مئي 2020ع) عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون ۽ جزوي ڪرفيو کي نظر ۾ رکندي سمورا ادارا ۽ آفيسون بند آهن ۽ ملازم گهرن تي ويهي ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن.

گهرن ۾ ڪم ڪرڻ دوران ڪيترن ئي ملازمن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي تازو ئي مائيڪرو سافٽ بلاڪنگ سائٽ ٽوئٽر طرفان اعلان ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن ملازم چاهين ته هو گهرن تي مستقل ڪم ڪري سگهن ٿا جڏهن ته فيس بڪ  ۽ گوگل به گهرن ۾ ڪم ڪرڻ جي پاليسي ۾ 7 مهينن جي واڌ ڪئي آهي.

ان حوالي سان مائيڪرو سافٽ جي سربراهه ستيانديلا جو چوڻ آهي ته گهر ۾ مستقل ڪم ڪرڻ سان ملازمن جي ذهني صحت خراب ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته ورچوئل ڪانفرنس ذاتي حيثيت سان ٿيندڙ ملاقاتن جي جڳهه نٿي وٺي سگهي. هن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي آفيس جي روايتي ماحول ۾ ڪم ڪرڻ جا عادي آهن انهن جي اوچتو گهر ۾ ڪم ڪرڻ سان سندن ذهني صحت خراب ۽ اڪيلائي جو شڪار ٿي سگهي ٿي.

ياد رهي ته ڪورونا وائرس جي پکيڙ سبب سڄي دنيا جي ڪمپنين حفاظتي قدمن جي طور تي گهر ۾ ئي ڪم کي لازمي قرار ڏنو هو پر مائيڪرو سافٽ جي سي اي او سيتياناديلا موجب هي قدم ملازمن جي فلاح  ۽ بهبود جي لاءِ بهتر ناهي.