ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جو ٽرائل پنج سالن کان پوءِ مڪمل، ارڙنهن جون تي فيصلو ٻڌايو ويندو

news

اسلام آباد: (خميس 21 مئي 2020ع)  متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) جي مقتول اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جو 5 سالن کان پوءِ ٽرائل مڪمل ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ دهشتگردي جي انت واري عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر خواجه امتياز احمد حتمي دليل مڪمل ڪندي چيو آهي ته جوابدارن جو تعلق به ايم ڪيو ايم سان آهي. اشتهاري جوابدارن متحده جي باني الطاف حسين ۽ انور حسين جي خلاف عمران فاروق جي قتل ۾ ملوث هجڻ جون پڪيون شاهديون مليون آهن.

جوابدار ڏوهه جا حقدار ٿيا آهن کين قانون موجب سزا ڏني وڃي.  ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر عدالت کي درخواست ڪئي ته متحده جي پاني جون پاڪستان ۾  جائز ۽ ناجائز ملڪيت کي فوري طور تي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. 

جنهن کان پوءِ عدالت چيو ته اهو حڪم پهريان ئي ڏئي چڪا آهيون هاڻ اوهان ضبط ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏيو. عدالت ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي جيڪو 18 جون تي ٻڌايو ويندو.