سامونڊي طوفان امفان ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ تباهي مچائي ڇڏي، سورنهن ڄڻا فوت

news

نئين دهلي: (خميس 21 مئي 2020ع)سامونڊي طوفان امفان ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ تباهي مچائي ڇڏي ۽ طوفان سبب هينئر تائين 16 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

طاقتور سامونڊي طوفان امفان گذريل ڏينهن ڀارتي رياست مغربي بنگال جي سمنڊ سان ٽڪرايو هو ۽ طوفان سبب وڏي پيماني تي ٿيندڙ نقصان رڪارڊ ٿيو آهي.

مغربي بنگال جي وزيراعليٰ ممتا بنرجي طوفان سبب رياست ۾ 12 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي فوتين جي انگ ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. وزيراعليٰ ممتا بنرجي چيو آهي ته طوفان سبب مغربي بنگال ۾ هزارين گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون آهن ۽ ڪيترائي وڻ اکڙجي ويا آهن.

مغربي بنگال جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي جنهن سبب نڪاسي جي لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن. طوفان سبب ڪلڪته ايئرپورٽ به سخت متاثر ٿيو آهي ۽ هوائي اڏي جو هڪ حصو پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي جهازن کي نقصان به پهتو آهي.

سامونڊي طوفان امفان بنگلاديش جي 3  سامونڊي ضلعن کي به متاثر ڪيو جتي 4 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. طوفان سبب بنگلاديش جي سامونڊي علائقن ۾ تيز هوائن  سان گڏ تيز برساتون پئجي رهيون آهن.