ايپل ۽ گوگل ڪورونا مريضن جي نشاندهي لاءِ نوٽيفڪيشن سافٽ ويئر ٽول جاري ڪري ڇڏيو

news

لنڊن: (خميس 21 مئي 2020ع) مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل ۽ گوگل ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ نئون سافٽ ويئر ٽول جاري ڪري ڇڏيو آهي.

گوگل اينڊرائيڊ ۽ ايپل آءِ  او ايس ڊيوائسز ۾ هڪ اهڙو بليو ٽوٿ سسٽم بابت نوان تفصيل جاري ڪيا ويا آهن جيڪي ڪورونا وائرس جي مريضن جي ٽريڪنگ ۾ مدد فراهم ڪندو.

ايپل ۽ گوگل دنيا جي 22 ملڪن ۾ اسمارٽ فون صارفين کي پنهنجي ويجهو ڪورونا وائرس جي شڪار ماڻهن کان آگاهه رکڻ جي لاءِ نوٽيفڪيشن سافٽ ويئر ٽول جاري ڪيو آهي. 

برطانوي ميڊيا موجب سافٽ ويئر حاصل ڪندڙ ملڪن ۾ آمريڪا، اٽلي، جرمني، سوئٽزرلينڊ نيدرلينڊز، ليٽويا ۽ آئرلينڊ شامل آهن. ايپل ۽ گوگل جي جاري ڪيل سافٽ ويئر ٽول کي استعمال ڪندي هر ملڪ صرف هڪ انفرادي نوعيت جي ايپ تيار ڪري سگهندو جيڪا ان جي شهرين کي فراهم ڪري سگهبي.

جيڪڏهن ڪو شخص اهو ٻڌائي ته ان جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي ته وڏي حد تائين به اهو واضح ٿي ويندو ته ان سان امڪاني طور تي ان ماڻهن جي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه پبلڪ هيلٿ اهلڪار ان ماڻهن سان رابطو ڪري ان جي ٽيسٽ ڪري سگهندا ۽ هدايتون جاري ڪري سگهندا.