گوهر رشيد (ارطغرل غازي) تي تنقيد ڪندڙ شوبز جي فنڪارن کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو

news

لاهور: (خميس 21 مئي 2020ع) پاڪستاني اداڪار گوهر رشيد ترڪ سيريز(ارطغرل غازي) تي تنقيد ڪندڙ شوبز جي فنڪارن کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب جتي پاڪستان شوبز جا فنڪار ترڪ سيريز کي پاڪستان ۾ نشر ٿيڻ جي تعريف ڪري رهيا آهن ته اتي ئي ڪجهه فنڪار پنهنجي انڊسٽري جي لاءِ نقصانده به قرار ڏئي رهيا آهن جن ۾ شان مسعود، ريما خان، ارمينا خان، ياسر حسين ۽ ٻيا شامل آهن.

پهريان اداڪاره مهوش حيات ارطغرل غازي تي تنقيد ڪندڙن تي حيرانگي جو اظهار ڪيو ۽ هاڻ اداڪار گوهر رشيد ٽوئٽر تي پوسٽ شيئر ڪندي مخالفن کي سخت جواب ڏنو آهي. گوهر رشيد لکيو آهي ته منهنجون 2 ڳالهيون آهن  ڪابه پرڏيهي ڪهاڻي جيڪا پاڪستان جي طرفان داد ميڙي رهي آهي اها ڪنهن به خطري جي ڳالهه ناهي هي هڪ مقابلو آهي جيڪو ڪنهن به ڪاروبار ۾ هوندو آهي.

گوهر رشيد چيو آهي ته ان جي باوجود جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي نوڪري جي حوالي سان خدشا هوندا آهن ته اوهان  ذميواري  کڻو ۽ سٺو ڪم ڪريو  حساس ٿيڻ ڇڏي ڏيو.

پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ گوهر رشيد لکيو آهي ته اوهان مقابلي جي نالي تي کيس تنقيد جو نشانو نه بنايو پر  ان سان بهترين ڪم ڪريو ۽ پنهنجو رويو ٺيڪ ڪريو ۽ اهوئي مون پنهنجي وڏن کان سکيو آهي جيئن همايون سعيد. گوهر رشيد چيو آهي ته اسان کي مختلف ڪم ڪرڻ گهرجن پر انهن کان ڊڄڻ نه گهرجي.