داد لغاري ۾ ڪامپيٽيشن بورڊ طرفان تعليمي سرگرمين جي بحالي ڪاڻ احتجاج

news

داد لغاري(رپورٽ: اياز احمد پتافي) دادلغاري ۾ پرائيويٽ اسڪول ڪامپيٽيشن بورڊ دادلغاري طرفان تعليمي سرگرمين جي بحالي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي ڪامپيٽيشن بورڊ جي  صدر اسلم لغاري، جنرل سيڪريٽري شفقت منگي، سنيئر نائب صدر غالب ڪريم پتافي، انفارميشن سيڪريٽري شبير شر،  آپسما تعلقه  ڏھرڪي جي نائب صدر شاھد لغاري جن ڳالھائيندي چيو  تہ جتي سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ بازارون ۽ ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏني آھي ته اتي سنڌ حڪومت کي گھرجي ته تعليمي ادارن کي بہ ايس او پيز تحت فوري کولڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ تعليمي معيشيت جو قتلام بند ڪيو وڃي.

 پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙھائيندڙ نوجوانن کي بي روزگار نه ڪيو وڃي پرائيويٽ  اسڪولن کي بينڪن مان بغير وياج جي پيڪيج ڏنا وڃن، عيد کان فورن بعد اسڪول کوليا وڃن.

 مظاھرين وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ وزير تعليم کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري اسڪول کولي تعليمي سرگرميون بحال ڪيون وڃن ته جيئن ٻارڙن جو مستقبل اونداھ ٿيڻ کان بچي سگھي.