تماشائين کان سواءِ ميچ ۽ خوشي جي جشن تي پابندي سبب پريشاني ٿيندي: عمران طاهر

news

لنڊن: (خميس 21 مئي 2020ع) پاڪستاني ڄائي ڏکڻ آفريڪي اسپنر عمران طاهر چيو آهي ته تماشائين کان سواءِ ڪرڪيٽ جون سرگرميون شروع ڪرڻ ۽ خوشي جي جشن تي پابندي سبب پريشاني ٿيندي پر ڪورونا جي دور ۾ ڪرڪيٽ جون  سرگرميون ته ڪٿان کان شروع ڪرڻيون آهن.

41 ساله عمران طاهر ملتان سلطان طرفان پاڪستان سپرليگ(پي ايس ايل) کيڏڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ موجود هو پي ايس ايل ڪورونا وائرس سبب ملتوي ڪئي وئي. عمران طاهر ڪجهه ڏينهن لاهور ۾ ڀيڻ ڀائرن ۽ ويجهن مائٽن سان گذارڻا هئا پر ان دوران هوائي آپريشن معطل ٿي ويو ۽ عمران طاهر ڏکڻ آفريڪا نه وڃي سگهيو.

اهڙي طرح عمران طاهر هن وقت لاهور ۾ ئي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هو پاڪستاني رانديگرن سان گڏ مقامي اڪيڊمي ۾ ٽريننگ ڪندي نظر ايندو آهي. 20 ٽيسٽ، 107 ون ڊي ۽ 38 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏندڙ عمران طاهر چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب هن وقت دنيا جهڙي دور مان گذري رهي آهي اهو هڪ مشڪل وقت آهي.

ڪورونا وائرس سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو آهي لڳي ٿو ته هاڻ اسان کي ڪجهه وقت جي لاءِ هن سان گڏ ئي رهڻو پوندو. هن  وڌيڪ چيو ته ڪورونا سبب راندين جون سرگرميون رڪيل آهن پر هاڻ ان سرگرمين جي شروعات جي لاءِ اسان کي ڪونه ڪو قدم ته ضرور کڻڻو پوندو.