پي سي بي انگلينڊ جي دوري کان اڳ قرنطينه ٽريننگ جي منصوبه بندي شروع ڪري ڇڏي

news

لاهور: (خميس 21 مئي 2020ع) پي سي بي انگلينڊ جي دوري کان اڳ رانديگرن جي قرنطينه ٽريننگ لاءِ منصوبه بندي شروع ڪري ڇڏي آهي.

چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته چونڊيل 25 رانديگرن کي 3 مهينا بائيو سيڪيور ماحول ۾ گذارڻا  پوندا. ذريعن موجب جون جي آخر ۾ ٽريننگ کان اڳ سمورا رانديگر معاون اسٽاف ۽ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي اسٽاف جا ڪورونا ٽيسٽ ٿيندا.

اين سي اي ۾ رهائش، کاڌي پيتي ۽ ٽريننگ سان گڏ قذافي اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس جي سهوليت هوندي. ٻنهي هنڌن کي وائرس کان پاڪ رکڻ جا انتظام ڪيا ويندا.

شروعات ۾ رانديگر نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ جوڙين جي شڪل ۾ پريڪٽس ڪندا. ايندڙ 3 هفتن ۾ گروپن ۾ رانديگرن جو انگ وڌائيندي  آخر ۾ سمورا گڏ ٿي ويندا جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ انگلينڊ پهچي قرنطينه ۽ ٽريننگ ٿيندي.

آگسٽ ۾ 3 ٽيسٽ ۽ اوترا ئي ٽي ٽوئنٽي ميچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ رانديگرن جي ملڪ واپسي ٿيندي. ائين پورا 3 مهينا بائيو سيڪيور ماحول ۾ گذارڻ کان پوءِ گهرن ۾ وڃڻ جو موقعو ملندو.