بابر اعظم جون اسٽيووا، پونٽنگ ۽ عمران خان سان ملاقاتون ڪرايو وڃن: ثقلين مشتاق

news

لاهور: (خميس 21 مئي 2020ع)  پاڪستان جي مشهور اسپنر ثقلين مشتاق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) کي هڪ تجويز ڏني آهي ته قومي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي صلاحيتن کي هٿي ڏيارڻ جي لاءِ ڪرڪيٽ جي دنيا جي عظيم ڪپتانن اسٽيووا، رڪي پونٽنگ ۽ عمران خان سان گڏ مشورن جي لاءِ ملاقاتن جو بندوبست ڪيو وڃي.

يو ٽيوب چينل تي انٽرويو ۾ ثقلين مشتاق چيو آهي ته بابر هڪ باصلاحيت رانديگر سان گڏوگڏ سٺو ڪپتان به بڻجي سگهي ٿو. ڪيريئر جي شروعات کان ئي بابر اعظم مسلسل پرفارم ڪندو رهيو آهي پر هاڻ سندس مٿان قيادت جون ذميواريون به وڌيون ويون آهن.

هن مشورو ڏنو ته بطور ڪپتان سندس اعتماد کي وڌائڻ، دٻاءُ کي منهن ڏيڻ، مشڪل حالتن ۽ ميڊيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کيس عظيم ڪپتانن جي تجربن مان سکڻو پوندو.

ثقلين مشتاق چيو ته اسٽيووا، رڪي پونٽنگ، عمران خان ۽ وسيم اڪرم جهڙن ڪپتانن سان بابر اعظم جي  ملاقات ڪرائي وڃي ته جيئن کيس بهتر مشورا ملي سگهن ۽ هو بهترين ڪپتان جيان اڳتي وڌي سگهي.