نوابشاهه ۾ هاري ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس

news

نوابشاهه: نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هاري ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر اڪرم خاصخيلي، حسين بخش ڇٽو ۽ ٻين چيو آهي ته ڪرونا وبا جي ڪري حڪومت طرفان ڪيل لاڪ ڊائون جي ڪري پوري ملڪ سميت سڄي سنڌ ۾ ڏهاڙي مزدور ۽ زرعي ورڪر سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن.

سنڌ اندر لکين مزدورن جو روزگار ختم ٿيڻ جي ڪري هتان جو مزدور فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ مزدور ۽ هارين جي حوالي سان جوڙيل قانونن تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري هتان جو زرعي مزدور ۽ ڏهاڙي دار مزدور صدين کان استحصال جو شڪار ٿيندو رهيو آهي.

سنڌ حڪومت طرفان جوڙيل قانون موجب هڪ مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ ماهانه اُجرت 17500 آهي جنهن تي پڻ هن وقت تائين ڪنهن به قسم جو عمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ليبر ڊپارٽمينٽ طرفان اُن تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪيو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وبا جي ڪري حڪومت طرفان ڪيل لاڪ ڊائون جي ڪري  بيروزگاري وڌي آهي ۽ هارين کي پنهنجي جنسن جا صحيح اگهه ملي نه سگهيا آهن جنهن جي ڪري هاري ۽ مزدور انتهائي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ اهڙي حالت ۾ سنڌ اندر جبري پروهئي جي وڌڻ جو خدشو آهي، سنڌ ۾ هزارين هاري ۽ مزدور اڳ ۾ ئي جبري پورهئي جو شڪار آهن.

سنڌ حڪومت طرفان پاس ڪيل سنڌ بانڊيڊ ليبر ابالشن سسٽم ايڪٽ 2015 تي پڻ ڪنهن به قسم جو عمل نه ٿيو آهي، هن قانون کي  پنج سال گذري چڪا آهن پر اڃا تائين پوري سنڌ ۾ ڊسٽرڪٽ وجيلنس ڪاميٽيون نه ٺهي سگهيون آهن، هن مهل تائين سنڌ جي 29 ضلعن مان صرف 7 ضلعن ۾ ڪاميٽيون ٺهيون آهن پر انهن به هن وقت تائين جبري پورهئي جي روڪٿام لاءِ ڪي به اپاءِ نه ورتا آهن ، جڏهن ته گلوبل سليوري انڊيڪس 2018 جي روپورٽ موجب پاڪستان ۾ 3186000 پورهيت  غلامي ۾ پروهيو ڪن ٿا جڏهن ته چئني صوبن کان وڌيڪ جبري پروهيو ڪندڙن جو تعداد سنڌ ۾ آهي، هنن چيو ته سنڌ ۾ ماڪڙ لکين ايڪڙ فصل تباهه ڪري ڇڏيا آهن پر هن وقت تائين وفاق ۽ صوبائي حڪومت طرفان ان جي خاتمي لاءِ ڪي به اُپاءِ نه ورتا آهن جنهن جي ڪري سنڌ جو هاري  قرضي ٿي فاڪا ڪٽڻ تي مجبور آهي ۽ روز خودڪشين جا واقعا وڌي رهيا آهن ، ماڪڙ جي ڪري ايندڙ وقت ۾ سنڌ ۾ غذائي کوٽ پڻ جنم وٺندي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته  سنڌ حڪومت کان گهر ٿا ڪريون ته  سنڌ بانڊيڊ ليبر ابالشن سسٽم ايڪٽ 2015  تي فوري طور عمل درآمد ڪرائي سنڌ جي سڀني ضلعن اندر ڊسٽرڪٽ وجيلنس ڪاميٽيون ٺاهي جبري پورهئي جي روڪٿام ڪئي وڃي، ساڳي طرح ضلع سطح تي ليبر آفيسر مقرر ڪري سنڌ بانڊيڊ ليبر ابالشن سسٽم ايڪٽ 2015  ۽ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ جي عمل درآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سنڌ ۾ فوري طور ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اسپري ڪرايو وڃي ته جيئين لکين ايڪڙ فصل بچي سگهي.