نوابشاهه ۾ پورهيت جو پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ گهر تي قبضي ۽ تشدد خلاف احتجاج

news

نوابشاهه: نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران پورهيت غلام محمد ڏيٿو پنهنجي زال، ڀيڻ ۽ ٻارن سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته منهنجو گهر صابو راهو ڀرسان قائم سنجراڻي لڳ ڏيٿا ۾ آهي.

اتان مون کي زبردستي حاجي يارو ڏيٿو، وارث ڏيٿو ۽ ٻين تشدد ڪري مون کي ۽ منهنجي گهروارن جي پويان ڪتا ڀڇائي گهر مان لوڌي ڪڍي ڇڏيو ۽ منهنجي گهر تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي.

ان لاءِ مون آر پي او حيدرآباد کي درخواست ڏني ۽ اها منهنجي درخواست سڪرنڊ پوليس گم ڪري ڇڏي، آئون ايس ايس پي سان روبرو مليو آهيان ۽ ان کي به درخواست ڏني آهي ليڪن هن وقت تائين منهنجي ڪنهن به مدد نه ڪئي آهي ۽ نه ئي گهر خالي ڪرائي ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته مان ڪيلي ۾ مزدوري ڪندو آهيان، مسڪين ماڻهو آهيان، منهنجي ڪير به مدد نٿو ڪري. هن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کي اپيل ڪئي ته مون کي پنهنجو گهر آزاد ڪري ڏنو وڃي ۽ جن ماڻهن مون تي ۽ منهنجي گهر وارن تي ڪتا بڇايا انهن خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.